چندرو آتما

چندرو آتما

چندرو آتماچندرو آتما

چندرو آتما: هندستان جي مشهور ۽ معروف سنڌي گائڪ، چندرو آتما جو جنم 17 سيپٽمبر 1938ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. سندس سڄو نالو چندر هشمتراءِ چئناڻي هو. هي پنهنجي وڏي ڀاءُ سي ايڇ آتما وانگر سنڌي گائڪي ۾ وڏو نالو ۽ حيثيت رکي ٿو. هن جو آواز مشهور گائڪ ڪي ايل سهگل سان ملندڙ هئڻ ڪري ڪافي پسند ڪيو وڃي ٿو. چندرو آتما هندستان کان سواءِ يورپ ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. هي دور درشن ۽ آل انڊيا ريڊيو تي سنڌي، هندي ۽ راجسٿاني فلمن ۾ ڳايو آهي. کيس پوئين عمر ۾ جئه هند ممبئيءَ ۾ آرٽس ۽ ميوزڪ جو اعزازي پروفيسر مقرر ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ هي سنڌي، هندي ۽ راجسٿاني فلمن ۾ پلي بيڪ سنگر طور ڳائي چڪو آهي. چندرو آتما جون هيل تائين ڪافي سيڊيون ۽ ڪيسٽون پڻ جاري ٿي چڪيون آهن، جن ۾ سنڌي گيت، ڪلام، ڀڄن ۽ غزل شامل آهن. سندس مشهور ڪئسٽن جا عنوان هي آهن: (1) نوان سنڌي راڳ (1985ع)، (2) سچل جا ڪلام (1980ع)، (3) جيئي جهولي لال (1990ع) ۽ (4) پيار (1998ع). چندرو آتما کي گائڪيءَ سبب ڪيترا اوارڊ ۽ اعزاز به مليا آهن، جن ۾ (1) گولڊن وائس، آرٽس گلڊ بمبئيءَ طرفان (1976ع)، (2) ’جئه ديو‘ راجستان سرڪار طرفان (1988ع)، (3) راجيشور اوارڊ، سر سنگر سمساد طرفان (1990ع).
هي راڳ کي عبادت سمجهندو آهي. هن وقت بمبئي ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.09.17  عيسوي

هندستان جي مشهور ۽ معروف سنڌي گائڪ، چندرو آتما جو جنم 17 سيپٽمبر 1938ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ظهور احمد
ديدار حسين خان
حديقه ڪياني
رفيق فقير
ٻيجل سنڌي
شير شاهه
الهڏنو جوڻيجو
عالم لوهار
علڻ فقير
خان محمد فقير چانڊيو
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون